شهباز شريف جي نيب خلاف عدالت کي شڪايت

لاهور (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف نيب خلاف عدالت ۾ شڪايت ڪندي چيو ته مونکي چيلهه ۾ سُور رهي ٿو، نيب وارا ٽيبل بدران زمين تي کاڌو ڏيندا آهن. لاهور جي احتساب عدالت ۾ نيب جي رويي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران هن چيو ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر جي چُرچ تي اهڙو رويو رکيو وڃي ٿو، مون کي ڪجهه به ٿيو ته عمران ۽ شهزاد اڪبر خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس، احتساب عدالت شهباز شريف جي شڪايت تي نيب مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته انسانيت جي تذليل برداشت نه ڪئي ويندي، اڳتي شهباز شريف شڪايت ڪئي ته نيب خلاف نوٽيس ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو