اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف اعتراف ڪيو آهي ته آمريڪي دٻاءُ ايران گيس پائيپ لائين معاهدي تي عمل ڪرڻ نه پيو ڏئي. هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته پاڪستان-ايران گئس پائيپ لائين معاهدو پاڪستان جي بقا جو معاملو آهي. هن چيو ته آمريڪي دٻاءُ پائيپ لائين معاهدو مڪمل ڪرڻ جي اجازت نه پيو ڏئي آمريڪا سان سفارتڪاري ڪئي وڃي ته جيئن اسان کي ان معاهدي کي مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين منصوبو 2008 يا 2009 ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها، ايران انصاف جي عالمي عدالت ۾ وڃي رهيو آهي، ان ڪري هو پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ فرانس جي ثالثي ٽربيونل ۾ وڃڻ جو ارادو رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان تي 18 ارب دالر ڏنڊ پئجي سگهي ٿو، اسين ڪٿان ڏنڊ ڀرينداسين؟ اسان هن وقت 18 ملين به ڀرڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون. هن ٻڌايو ته هلندڙ مهيني وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جو دورو ڪندو ۽ ايران گيس پائيپ لائن بابت ڳالهائيندو.










