شرجيل ۽ شاھ سان چين جي يوٽونگ بس ڪمپني اختيارين جي ملاقات

شرجيل ۽ شاھ سان چين جي يوٽونگ بس ڪمپني اختيارين جي ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چين جي شھر شنگھائي ۾ چين جي مشھور يوٽونگ بس ڪمپني جي اختيارين سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڌرين ٽرانسپورٽ ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ سھڪار کي ھٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ملاقات جي موقعي تي يوٽونگ اختيارين سنڌ جي وزيرن کي پنھنجي نئين ۽ جديد ماڊل بسن جي باري ۾ بريفنگ ڏني ۽ پاڪستان، خاص طور تي سنڌ اندر پنھنجون بسون متعارف ڪرائڻ ۾ دلچسپي جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار شھرين کي معياري ۽ محفوظ ٽرانسپورٽ مھيا ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون کي غير ملڪي سيڙپڪارن لاءِ تمام وڏو موقعو آھي، جتي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري ڪرڻ تي ڏھن ورھين جي ٽيڪس ڇوٽ ڏني پئي وڃي ۽ گڏوگڏ سنڌ سرڪار ان زون ۾بين الاقوامي سيڙپڪارن کي سموريون سھولتون فراھم ڪري رھي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ وڏي پيماني تي سڌارن جي ضرورت آھي ۽ ڪراچي سميت صوبي جي ٻين شھرن ۾ عوام کي معياري بس سروس فراھم ڪرڻ سنڌ سرڪار جي پھرين اوليت آھي. سندس چوڻ ھو ته سنڌ سرڪار چاھي ٿي ته يوٽونگ جھڙيون بين الاقوامي ڪمپنيون پاڪستان اچي جديد بسون تيار ڪن ته جيئن مقامي مارڪيٽ جي ضرورتن جو پورائو ٿي سگھي. ان موقعي تي توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته سنڌ سرڪار ماحول دوست ۽ توانائي جي متبادل ذريعن تي ٻڌل ٽرانسپورٽ متعارف ڪرائڻ جي خواھش رکي ٿي. ھن چيو ته يوٽونگ جون بسون ماحول دوست خاصيتن ۽ توانائي جي متبادل ذريعي جي حوالي سان بھترين آپشن ثابت ٿي سگھن ٿيون. ھن چيو ته سنڌ سرڪار شفاف سيڙپڪاري لاءِ ھر ممڪن سھڪار ڪندي ۽ عوام کي بھترين سھولتن جي فراھمي سان گڏ سيڙپڪاري کي جٽادار ڪاروباري ماحول فراھم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اوليت آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو