شبر زيدي پاران 5 هزار جو نوٽ بند ڪرڻ جي تجويز

شبر زيدي پاران 5 هزار جو نوٽ بند ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي حڪومت کي 5 هزارن جو نوٽ بند ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ شبر زيدي حڪومت کي تجويز ڏني ته هو پهرين جولاءِ 2021 کان 5 هزار جو نوٽ بند ڪري ڇڏي ۽ اهڙي تبديلي کان ٻه مهينا اڳ آگاهه ڪري.شبر زيدي جو چوڻ هو ته ان قدم جي مخالفت ڪندڙن کي ان جي غلط استعمال جو اندازو ناهي، ان سان هنن جا مفاد ختم ٿي ويندا.اڳوڻي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ان سان معيشت بهتر ٿيندي ۽ بينڪاري مضبوط ٿيندي جڏهن ته رشوتخوري گهٽ ٿيندي. 

پهنجو تبصرو موڪليو