شايد مان ٻي شادي ڪيان ڇو ته اهو منهنجي ڪنڊلي ۾ آهي،گووندا

شايد مان ٻي شادي ڪيان ڇو ته اهو منهنجي ڪنڊلي ۾ آهي،گووندا

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار گووندا ۽ سندس زال جي وچ ۾ طلاق جون افواهون گردش ڪري رهيون آهن، جڏهن ته سنيتا آهوجا جي وڪيل انڪشاف ڪيو آهي ته سنيتا 6 مهينا اڳ اداڪار کان طلاق لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، گووندا ماضي ۾ ٻي شادي جو اشارو ڏئي چڪو آهي، هڪ رپورٽ موجب اداڪار جو هڪ انٽرويو سوشل ميڊيا تي مشهور ٿيو آهي جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي ته هو ٻيهر شادي ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته اهو سندس ڪنڊلي ۾ آهي، اسٽارڊسٽ سان هڪ انٽرويو ۾ گووندا ٻڌايو هو ته ڪيئن هو ساٿي اداڪارا نيلم سان پيار ڪندو ھو، گووندا اهو به ظاهر ڪيو ته هن سنيتا سان شادي پنهنجي واعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪئي هئي، پيار جي ڪري نه، گووندا چيو هو مستقبل ڪير ڄاڻي، شايد مان ٻيهر ڪنهن سان پيار ۾ پئجي ويندس ۽ شايد مان ان سان شادي ڪندس، پر سنيتا کي ان لاءِ تيار رهڻ گهرجي، تڏهن ئي مان آزاد محسوس ڪندس، ان کان علاوه گووندا ساٿي اداڪارائن جوهي چاولا ۽ ديويا ڀارتي جي تعريف جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهي اهڙيون عورتون آهن جن لاءِ هڪ ڇوڪرو لاءِ پيار ۾ پوڻ کان بچڻ ڏکيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو