ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ٿرپارڪر سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته ٿرپارڪر ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب فوت ٿيندڙن جي پوئنرن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيان. هن چيو ته سنڌ حڪومت متاثر خاندانن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، سنڌ جي توانائي کاتي فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي کي خط لکيو آهي جنهن ۾ فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي کي درخواست ڪئي آهي ته هو آسماني بجلي ڪرڻ جا سبب معلوم ڪن. هن چيو ته ٿر سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به آسماني بجلي ڪرڻ تي خدشا آهن ۽ آسماني بجلي کان بچاءَ ۽ احتياطي اپائن بابت آگاهي مهم به شروع ڪندا.










