ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو ڪراچيءَ ۾ شاهراهه ڀٽو جو افتتاح ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي منعقد ٿيل تقريب ۾ بلاول ڀٽو سان گڏ پارٽي اڳواڻن، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي.افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته لياري ايڪسپريس وي ٺاهڻ ۾ وفاق کي 15 سال لڳا، لياري ايڪسپريس وي ٺهڻ دوران ماڻهن کي تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو.مرتضيٰ وهاب چيو ته شاهراهه ڀٽو جو وڏو حصو 5 سالن ۾ مڪمل ڪيو ويو، هن منصوبي ۾ ڪنهن به شخص کي منتقل (بي گهر) ڪرڻو نه پيو.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو پاڪستان کي بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿو ته اهو بلاول ڀٽو زرداري آهي.










