شادي جي لباس ۽ زيورن جي قيمت بابت نبيهه جي وضاحت

شادي جي لباس ۽ زيورن جي قيمت بابت نبيهه جي وضاحت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سوشل ميڊيا اسٽار ۽ ٽي وي ميزبان ڊاڪٽر نبيھه علي خان پنهنجي شاديءَ ۾ پاتل لباس ۽ زيورن جي ماليت بابت دعوى ڪئي ته سندس چيل ڳالهيون رڳو زبان جي لرزش هيون. گذريل ڏينهن کان ڊاڪٽر نبيھه علي خان جي هڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته سندس اڇي رنگ جو شادي وارو لباس ڊيزائنر حنا سلمان تيار ڪيو، جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ 1 ڪروڙ 50 لک رپيا آهي. ڊاڪٽر نبيھه علي خان اهو به انڪشاف ڪيو ته سندس زيورن جو سيٽ 40 تولا جو آهي، جيڪو کيس سندس مڙس حارث کھوکھر تحفي ۾ ڏنو ۽ ان جي ماليت لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ رپيا آهي. ڊاڪٽر نبيھه علي خان جي هن ويڊيو تي سوشل ميڊيا صارفين طرفان کيس شديد تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن تي هاڻ سندس ردعمل سامهون آيو آهي. ڊاڪٽر نبيھه علي خان تسليم ڪيو ته هن لباس ۽ زيورن جي قيمتن بابت غلط بياني ڪئي، پر سندس مطابق اها رڳو زبان جي لغزش هئي. هن وضاحت ڪندي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو خوشيءَ ۾ غلط ڳالهه چئي ڇڏيندو آهي ۽ ساڳيو ڪجهه ساڻس سان به ٿيو، خوشيءَ ۾ لکن جي شيءِ جي قيمت ڪروڙن ۾ ٻڌائي ويٺي. ڊاڪٽر نبيھه علي خان وڌيڪ چيو ته هوءَ جيڪو به پائيندي آهي، سو ڪروڙن جو ئي لڳندو آهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ هميشه ڪروڙن ۾ ئي سوچيندي آهي ۽ پاڻ به ڪروڙن ۾ هڪ آهي. هن چيو ته ماڻهن کي سندس باري ۾ حد کان وڌيڪ جنون ڇڏي ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو