شاخن ۾ پاڻي ناهي ڪهڙي آزادي ملهايون؟ آبادگارن جو احتجاج

جوهي (ن سنڌيار)مختلف شاخن جي آبادگارن پاران آزادي واري ڏهاڙي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو, وڏي تعداد ۾ آبادگارن ۽ سجاڳ سنڌ تحريڪ جي اڳواڻن بلاول پارڪ کان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ  کڻي لطيف جمالي, سڪندر جمالي, امام علي روستماڻي , حاجي محمد عُمر ,ميهر گاڏھي , گل محمد رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري فاضل چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته اسين ڪهڙي آزادي ملهايون، شاخن ۾ پاڻي ناهي فصل مري ويا ته اسين پنڻ جهڙا ٿينداسين. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن چيو ته جوهي برانچ مان نڪرندڙ شاخن پٽوڙو, پهوڙ, لاکا, دڙا, ڇني, چينجاڻي ۾ پاڻي اڻ لڀ هجڻ ڪري آبادگار پريشان آهن, منُڍ جا بااثر کاتيدار آبپاشي عملدارن سان ملي جوهي برانچ اندر سرعام لفٽ مشينون هڻي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن نتيجي ۾ شاخن جي پوڇڙي ۾ پاڻي اڻلڀ آهي, مال متاع به اڃ وگهي مري رهيو آهي, احتجاج ڪندڙن موجب زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي معاشي طور ڪنگال بڻايو ويو آهي, هنن مطالبو ڪيو ته جوهي برانچ تي رينجرس مقرر ڪري پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي, ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو