سڱاوتي تڪرار،ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،14 ڄڻا زخمي،اسپتال ڀيڙا

سڱاوتي تڪرار،ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،14 ڄڻا زخمي،اسپتال ڀيڙا

سرحد(ن س)سرحد ڀرسان سڱاوتي معاملي تان پهوڙن جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٻن نينگرين سميت 14 ڄڻا زخمي، اسپتال ڀيڙا، خبرموجب سرحد ٿاڻي جي حد پنج نمبر پلاٽ واري علائقي ۾ سڱاوتي تڪرار تان پهوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ لٺين، ڪهاڙين، ۽ سروٽن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جا شهزادو پهوڙ، مختيارپهوڙ، شاهنواز، عبدالغفور پهوڙ، عبدالرشيد پهوڙ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جهيڙي ۾ ٻي ڌُر جا مائي مريم، نينگريون شمشادِ، اَرشادِ، غلام رسول، علي اصغر، عبدالرحيم پهوڙ، عبدالقادر، سعد الله پهوڙ سميت ٻنهي ڌرين جا 14 ماڻهون زخمي ٿي پيا جن کي سرحد ٿاڻي تان ليٽر ڏئي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن سرحد ٿاڻي جي وڏي منشي وقاص دايو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين جي زخمين کي علاج لاء ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو آھي ۽ ٻنهي ڌرين جي اين سي پڻ داخل ڪئي وئي آھي، جهيڙي کي روڪڻ لاء پوليس کي سندن علائقي ۾ سرگرم ڪيو ويو آھي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو