سڪرنڊ ۾  جھيڙو، دل جو دورو پوڻ سبب پورهيت فوت

سڪرنڊ ۾ جھيڙو، دل جو دورو پوڻ سبب پورهيت فوت

سڪرنڊ: (ن س ) سڪرنڊ شھر جي خانزاده محلا ۾ معاملي ڳالھ تان رند ۽ خانزاده برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو خوف ۾ دل بيھڻ ڪري پورھيت جاويد خانزاده فوت ٿي ويو واقعي بعد فوتي جو لاش تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران پورهيت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.فوتي پورهيت جي پٽن شان خانزاده، فيڪي خانزاده، وليد خانزاده ميڊيا آڏو دانهيندي چيو تہ رند برادري جا ڪجھ ماڻھو موٽرسائيڪل چوري ڪري رھيا ھئا ان تان منع ڪئي جنھن تي رند برادري جي 20 کان وڌيڪ ماڻھن پاران سروٽن سان اسان جي گھر مٿان حملو ڪيو جنھن سبب اسان جو والد خوف ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿي ويو هنن چيو ته جهيڙي دوران سڪرنڊ پوليس کي اطلاع ڏنو پر بروقت ڪارروائي نہ ڪرڻ سبب واقعو پيش آيو۔ ھنن مطالبو ڪندي چيو ته جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو