سکر (جئيرام بختيارپوري ) گذريل رات سکر جي اسٽيڊيم روڊ تي مزدا گاڏي جي ٽڪر لڳڻ سبب ڪچجي فوت ٿيل معصوم حسن علي ولد ساجد علي ميراني جي وارثن ۽ علائقي واسين پاران سکر پريس ڪلب آڏو معصوم ٻار جو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي فوت ٿيل ٻار جي امڙ راڻي، والد ساجد علي ۽ الطاف حسين ملاح ڪئي، جڏهن ته ڌرڻي ۾ عورتن ۽ مردن سميت علائقي جي وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. مظاهرين معصوم ٻار جو لاش پريس ڪلب آڏو رکي سخت احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته حادثي ۾ ملوث مزدا ڊرائيور کي فوري طور گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. مظاهرين جو چوڻ هو ته هڪ معصوم ٻار مزدا گاڏي جي ٽڪر ۾ ماڻهن جي سامهون ڪچجي فوت ٿي ويو، پر افسوس جو واقعو پيش اچڻ کانپوءِ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. مظاهرين الزام لڳايو ته پوليس پاران اڃا تائين مبينا جوابدار جي گرفتاري لاءِ اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، جيڪا متاثر خاندان سان ناانصافي آهي.ڌرڻي سبب سکر پريس ڪلب چوڪ جي چوڌاري شهر ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ سمورا رستا بند ٿي ويا، جنهن ڪري ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي ۽ شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. احتجاج دوران سکر سي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او پڻ پريس ڪلب پهچي ويو ۽ مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ٽريفڪ لاءِ رستو کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مظاهرين روڊ کولڻ کان انڪار ڪندي واضح ڪيو ته جيستائين مبينا جوابدار کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويندو، تيستائين احتجاج ختم نه ڪيو ويندو. فوت ٿيل ٻار جي وارثن ۽ مظاهرين پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حسن علي جي فوت ٿيڻ واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي، ذميوار مزدا ڊرائيور کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، جيئن مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪي سگهجي.










