سکر (رپورٽ امداد ڪلوڙ) سکر ڀرسان باگڙجي، جي ڪچي واري علاءقي ۾ زميني تڪرار تان جتوئي برادري جي عطراڻي پاڙي جي ٻن ڌرين ۾ خوني جيھڙو ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان حملو ٻنھي ڌرين جا 7 ڄڻا قتل ٿي ويا. مارجي ويلن مان هڪ ڌر جا 6 ڄڻا مارجي ويا آهن جن ۾ 3 سڳا ڀائرميهر، ڇٽل ۽ راجا ۽ سندن ڀائٽيو واجد شامل آهي. جڏهن ته ٻئي ڌر جو هڪ ڄڻو قتل ٿيو آهي. ھڪ ڄڻي جو لاش پوليس ھٿ ڪري ورتو باقي قتل ٿيلن جا لاش واقعي واري ھنڌ پيل آھن. پوليس حد جي تڪرار سبب لاش ھٿ ڪرڻ ۾ ناڪام، خوني جيھڙي ۾ قتل ٿيلن ۾ بابو جتوئي، رابيل جتوئي ۽ مھرو جتوئي جتوئي به شامل آھن پوليس ٻنھي ڌرين جي ھلندڙ فائرنگ سبب ڪچي جي پڪي واري ھنڌ ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد جي پوليس چوڪي گلزار دم دمي وٽ بيٺل آھي جڏهن ته باگڙجي ٿاڻي جي پوليس باگڙجي بند تي بيٺل آھي رات ٿيڻ سبب اونداهي جي ڪري پوليس ھلندڙ خوني جھيڙي ۾ ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگھي ٻئي ڌريون مورچا بند بڻيل آھن، ٻنھين ڌرين جا ھٿيار بند وقفي وقفي سان ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪري رھيا آھن ته جيئن رات جي وقت ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي مٿان وڏو حملو ڪري وڏو نقصان ڪن. ٻنھي ٿاڻن جي پوليس ڪچي جي پڪي واري ھنڌن تي بيٺل آھي پوليس واقعي بابت ايئر پورٽ ٿاڻي جي وڏي منشي غلام حسين چاچڙ جو چوڻ آھي ته اسان جي حد ناھي ۽ باگڙجي پوليس جو چوڻ آھي ته ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد گلزار دم دمون جي چوڪي ويجھو جيھڙو ٿيو آھي اھا حد اسان جي ناھين پوليس جي حدن جي تڪرار سبب جيھڙي تي ڪنٽرول ناھين ٿي سگھيو اڃان وڌيڪ خون ريزي جو خدشو آھي










