سپرفلڊ تياريون، بندن تي وزراءَ جون ڊيوٽيون مقرر، ڄام خان شورو

سپرفلڊ تياريون، بندن تي وزراءَ جون ڊيوٽيون مقرر، ڄام خان شورو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته صوبي ۾ سپرفلڊ جي تياري جاري آهي، ۽ بندن تي وزراءَ جون ڊيوٽيون لاڳو ڪيون ويون آهن.ڄام خان شورو ٻڌايو ته درياهه جي وهڪري کي ويجهي نظر سان ڏسڻ ۽ نگراني ڪرڻ جو عمل جاري آهي. پنجند وٽ پاڻي پهچندو ته سنڌ وٽ ٻه ڏينهن جو وقت هوندو، جڏهن ته پنجند پهچڻ کان اڳ پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽجي ويندو آهي.هن ٻڌيو ته اسان وٽ بندن ۾ ڏاڙ وجهڻ جو ڪو به آپشن ناهي، اسان مڪمل طور تي سپرفلڊ جي تياري ڪري رهيا آهيون. آئون ٻن ڏينهن کان سکر ۾ موجود آهيان، بندن تي وزيرن جون ڊيوٽيون لڳل آهن، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڪمشنرن طرفان ڪيمپس لڳائڻ لاءِ جڳهن جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي.وزير آبپاشي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن بند ٽٽي ويا ته پاڻي آباديءَ ۾ داخل ٿي ويندو، سکر بئراج جو ڍانچو ڪافي پراڻو آهي، ان جا گيٽ تبديل ڪيا پيا وڃن ۽ ايندڙ سال وڌيڪ گيٽ تبديل ڪيا ويندا.ڄام خان شورو وڌيڪ ٻڌايو ته گڊو بئراج وٽ پاڻي جي گنجائش 12 لک آهي، جڏهن ته سکر بئراج وٽ پاڻي جي گنجائش 9 لک 60 هزار ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي گنجائش 8 لک 70 هزار ڪيوسڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو