اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) بجلي جي قيمت وڌائڻ جي درخواست ڪئي آهي.سي پي پي اي فيبروري جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي حصي طور بجلي جي قيمتن ۾ 1.64 رپيا واڌ جي درخواست ڪئي آهي.سي پي پي اي جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري ۾ ڊسڪوز کي 7.427 ارب يونٽ بجلي فراهم ڪئي وئي. نيپرا 31 مارچ تي سي پي پي اي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو، ۽ نيپرا جو فيصلو ڪي-اليڪٽرڪ سميت ملڪ جي صارفين تي لاڳو ٿيندو.










