سي پيڪ کي وڌيڪ فائديمند بڻائڻ لاءِ تعاون وڌايون پيا: چن گانگ

سي پيڪ کي وڌيڪ فائديمند بڻائڻ لاءِ تعاون وڌايون پيا: چن گانگ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيني پرڏيهي وزير چن گانگ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي ڏهين سالگرهه ملهائي رهيا آهن، ٻئي ملڪ ان منصوبي تي متفق آهن.اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيني پرڏيهي وزير چن گانگ چيو ته سي پيڪ کي وڌيڪ فائديمند بڻائڻ لاءِ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائي رهيا آهيون.هن اهو به چيو ته هو سي پيڪ تي متفق آهن. صنعت، توانائي، زراعت جي شعبن ۾ تعاون چاهيون ٿا.هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي وزير سان اسٽريٽجڪ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ملاقات ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ اسٽريٽجڪ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا ڏاڍا مضبوط آهن، پاڪ چين برادري نئين مستقبل ۾ حصيداري ڪندي.هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو دورو انتهائي اهم هو جنهن جا هاڪاري نتيجا سامهون آيا آهن.چن گونگ چيو ته پاڪستان جي سلامتي، قومي استحڪام، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ان سان گڏ آهي. پاڪستان ۽ چين کي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻو پوندو.هن چيو ته ڪورونا متاثر شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو. تجارتي اڏامون ۽ بس سروس ٻيهر شروع ٿينديون.هن چيو ته چيني ڪمپنيون مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن.چيني پرڏيهي وزير چيو ته بيجنگ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسلام آباد جي ڪردار کي ساراهي ٿو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي حتمي فتح ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو