سي ٽي ڊي جون ڪارروائيون، بندش پيل تنظيم جا ٻه دهشتگرد گرفتار

سي ٽي ڊي جون ڪارروائيون، بندش پيل تنظيم جا ٻه دهشتگرد گرفتار

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سي ٽي ڊي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي ٻن مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪارروائيون گلستان جوهر ۽ ابو الحسن اصفهاني روڊ تي ڪيون ويون.ابو الحسن روڊ ويجهو گرفتار جوابدار وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جوابدار فرقيواراڻي بنيادن تي ڪيئي ماڻهن کي قتل ڪيو.سي ٽي ڊي ترجمان موجب گلستان جوهر مان گرفتار جوابدار وٽان به هٿيار هٿ آيا آهن، جوابدار شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي وارداتن ۾ ملوث آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو