غزه(ويب ڊيسڪ) ٽسلا جي سي اي او ايلون مسڪ جي سيٽلائيٽ انٽرنيٽ سروس غزه ۾ يو اي اي جي فيلڊ اسپتال کي انٽرنيٽ فراهم ڪئي آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي ارب پتي ۽ ڪاروباري شخصيت ايلون مسڪ پنهنجي هڪ ايڪس پوسٽ (ٽوئٽ) ۾ چيو آهي ته اسٽار لنڪ کي يو اي اي ۽ اسرائيل جي مدد سان غزه جي هڪ اسپتال ۾ فعال ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب صحت جي عالمي اداري جي ٽيم اسرائيلي حملن ۾ تباهه ٿيل الشفا اسپتال پهچي وئي، جتي ڊائلسز وارڊ جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف غزه ۾ اسرائيلي فوج جي فلسطينين جي نسل ڪشي دوران هڪ حامله عورت چوٿين منزل تان ڪري پئي ۽ نصرت ڪيمپ ۾ بمباري ڪندي شهيد ٿي وئي پر ٻارڙي معجزاڻي طور بچي وئي.










