سيوهڻ: (ن س) سيوهڻ ڀرسان ٽالپر برادري ۾ پراڻي دشمني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ ۾ خميسو ٽالپر مارجي ويو.فائرنگ ۾ مارجي ويل خميسو ٽالپر جو لاش سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ منتقل ڪيو ويو. واقعي جو ڪارڻ پراڻي دشمني ٻڌايو پيو وڃي، پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي.ذريعن موجب ڇهه سال اڳ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان نثار احمد ٽالپر ۽ اڪرم ٽالپر قتل ٿيا هئا. ان وقت ٻنهي نوجوانن جي قتل ڪيس ۾ سندس مامي خميسو ٽالپر کي نامزد ڪيو ويو هو.ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي هوران ٽالپر ۽ سندس پٽن تي پراڻي دشمني جو پلاند وٺڻ جا الزام سامهون اچي رهيا آهن، جڏهن ته پوليس سرڪاري طور ڪنهن به دعويٰ جي تصديق ناهي ڪئي.










