سينيٽر لنڊسي گراهم دل جي دوري سبب اوچتو فوت ٿي ويو

سينيٽر لنڊسي گراهم دل جي دوري سبب اوچتو فوت ٿي ويو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراهم، جيڪو ريپبلڪن پارٽيءَ جو هڪ اهم اڳواڻ هو ۽ شروعات ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو سخت ناقد رهيو، پر ٽرمپ جي صدر بڻجڻ کانپوءِ ڪيپيٽل هل تي سندس سڀ کان وڌيڪ وفادار ساٿين مان هڪ بڻجي ويو، 71 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
سائوٿ ڪيرولائنا سان واسطو رکندڙ قانون ساز جي آفيس آچر جي صبح سوير ايڪس (ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته هو “مختصر ۽ اوچتي بيماري” کانپوءِ فوت ٿيو. آمريڪي ميڊيا موجب ڇنڇر جي رات ڪيپيٽل هل ۾ واقع سندس گهر مان دل بند ٿيڻ جي اطلاع تي هنگامي امدادي اهلڪار پهتا هئا.
گراهم، جيڪو تازو يوڪرين جي دوري تان واپس آيو هو، کي آچر جي صبح اين بي سي جي مشهور انٽرويو پروگرام ’ميٽ دي پريس‘ ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، جنهن جي تصديق نيٽ ورڪ پڻ ڪئي.
سندس وفات جي اعلان کان ٿوري ئي دير پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته، “لنڊسي گراهم انهن بهترين ماڻهن ۽ سينيٽرن مان هڪ هو، جن کي مون پنهنجي زندگيءَ ۾ سڃاتو. هو انتهائي محنتي ۽ سچو محب وطن هو.”
يوڪرين جي صدر ولوديمير زيلنسڪي پڻ سندس وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته، “لنڊسي گراهم آزادي ۽ انهن قدرن جو حقيقي محافظ هو، جيڪي اسان جي دنيا کي محفوظ بڻائين ٿا.”
گراهم دفاعي معاملن بابت سخت موقف رکڻ لاءِ مشهور هو. سندس سرڪاري ويب سائيٽ موجب، هن “دهشتگردي خلاف جنگ” دوران هميشه اهڙين پاليسين جي حمايت ڪئي جيڪي آمريڪا جي ڊگهي مدي وارن قومي سلامتي جي مفادن جي حفاظت ڪن. هو اسرائيل ۽ يوڪرين جو نمايان حامي، جڏهن ته ايران جو سخت مخالف هو.
گراهم شروعات ۾ ٽرمپ جو سخت مخالف هو
2016ع جي صدارتي چونڊ مهم دوران، جڏهن لنڊسي گراهم به انهن ڪيترن ئي ريپبلڪن اميدوارن مان هو، جيڪي پارٽيءَ جي صدارتي نامزدگي ڊونلڊ ٽرمپ کان هارائي ويٺا هئا، تڏهن هن سوشل ميڊيا تي لکيو هو: “جيڪڏهن اسان ٽرمپ کي نامزد ڪيو ته اسان تباهه ٿي وينداسين… ۽ ان جا حقدار به هونداسين.”
2015ع ۾ هن سي اين اين کي ڏنل انٽرويو ۾ ٽرمپ کي “نسلي تعصب ڦهلائيندڙ، پرڏيهين کان نفرت ڪندڙ ۽ مذهبي تعصب رکندڙ شخص” قرار ڏيندي چيو هو: “هو منهنجي پارٽيءَ جي نمائندگي نٿو ڪري. هو انهن قدرن جي نمائندگي به نٿو ڪري، جن جي حفاظت لاءِ اسان جا فوجي مرد ۽ عورتون پنهنجي جانين جون قربانيون ڏين ٿا.”
بعد ۾، جڏهن گراهم ٽرمپ جو ويجهو ساٿي ۽ گولف جو باقاعده ساٿي بڻجي ويو، تڏهن به هن گذريل سال ٽرمپ جي ان فيصلي سان عوامي طور اختلاف ڪيو، جنهن تحت هن اقتدار ۾ واپسي کانپوءِ 6 جنوري 2021ع تي آمريڪي ڪئپيٽل تي حملي ۾ ملوث لڳ ڀڳ 1,500 حامين کي معافي ڏني هئي. گراهم خبردار ڪيو هو ته اهڙو قدم مستقبل ۾ وڌيڪ تشدد جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو: “اسرائيل پنهنجي عظيم ترين دوستن مان هڪ کي وڃائي ڇڏيو آهي. آمريڪا هڪ وڏو محب وطن وڃائي ڇڏيو آهي، ۽ مون پنهنجو هڪ انتهائي پيارو دوست وڃائي ڇڏيو آهي.”
جمعي ڏينهن گراهم چيو هو ته چين، روس تي امن ڳالهين لاءِ دٻاءُ وجهڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جنهن سان يوڪرين جي جنگ ختم ڪرائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
هن ڪيئف ۾ صدر زيلنسڪي سان ملاقات ڪئي، جتي ٻنهي اڳواڻن يوڪرين جي فضائي دفاع جي ضرورتن ۽ روس خلاف پابندين بابت تيار ڪيل هڪ بل تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
گراهم يوڪرين جو مضبوط حامي هو
لنڊسي گراهم جو چوڻ هو ته يوڪرين جي فوجي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سفارتي ڪوششن سان گڏ روس خلاف پابندين کي وڌيڪ اثرائتو ڪرڻ سان ماسڪو کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو.
هن ڪيئف جي ميخائيلوسڪا اسڪوائر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو: “هن جنگ کي ختم ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جو رستو واشنگٽن، ڪيئف يا ماسڪو کان وڌيڪ بيجنگ مان گذري ٿو. چين جو اثر تمام گهڻو آهي، ۽ مان چاهيان ٿو ته هو پنهنجي اثر رسوخ کي دنيا جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪري.”
هن وڌيڪ چيو: “منهنجو خيال ناهي ته (روسي صدر ولاديمير) پيوٽن اڃا ان مرحلي تي پهتو آهي، پر کيس اتي پهچائڻ لاءِ گهڻي ڪوشش جي ضرورت نه پوندي.”
صدر ولوديمير زيلنسڪي ياد ڏياريو ته 2022ع ۾ روس جي مڪمل پيماني واري حملي کان پوءِ گراهم ڏهون ڀيرو يوڪرين جو دورو ڪيو هو.
هن فيس بڪ تي لکيو: “اسان هميشه پنهنجي عوام جي ساراهه ۽ يوڪرين جي محافظن جي بهادري بابت سندس تعريف ڀرين لفظن لاءِ خاص طور تي شڪرگذار رهنداسين.”
گراهم تازو سينيٽ جي بجيٽ ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو هو. ان کان علاوه هو اپروپريئيشنز ڪاميٽي، جوڊيشيئري ڪاميٽي ۽ ماحوليات ۽ عوامي تعميراتي معاملن واري ڪاميٽي جو به ميمبر هو.
هو اڳوڻو آمريڪي هوائي فوج جو قانوني آفيسر ۽ سائوٿ ڪيرولائنا ايئر نيشنل گارڊ جو ميمبر پڻ رهيو. سندس سرڪاري ويب سائيٽ موجب، هو 2002ع ۾ آمريڪي سينيٽ لاءِ چونڊيو ويو، جڏهن ته ان کان اڳ 1994ع ۾ سائوٿ ڪيرولائنا جي ٽئين ڪانگريسي ضلعي مان هائوس آف ريپريزينٽيٽوز جو ميمبر چونڊيو ويو هو.
لنڊسي گراهم شادي نه ڪئي هئي ۽ هو سينيڪا، سائوٿ ڪيرولائنا ۾ رهندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو