ڊسڪه (ويب ڊيسڪ) هي ڌُنڌ آهي، هي ڊسڪه آهي ۽ هي عمران خان جي چوري پڪڙجي پئي، ڌُنڌ ۾ ڪهڙي مخلوق آئي جنهن 90 سيڪڙو ووٽ داخل ڪري ڇڏيا، ڌُنڌ ۾ 90 سيڪڙو عوام ڪٿان نڪري آيو؟ اهو ڪم ڌنڌ ۾ نظر ايندڙ مخلوق ۽ جنن جو ڪم ٿي سگهي ٿو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز طرفان اليڪشن ڪميشن کان ووٽ چورن کي بي نقاب ڪرڻ ۽ سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو، مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ڊسڪه ۾ ننڍي چونڊن دوران ووٽ چوري ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ته قومي اداري جي عملي کي ئي چوري ڪري ڇڏيو، چوري ٿيل عملو 14 ڪلاڪن کانپوءِ منهن لڙڪائي اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو، اليڪشن ڪميشن جو عملو الائي ڪٿان بازياب ٿيو، پرزائيڊنگ آفيسر جواب نه ڏئي سگهيا ته کين ڪير ۽ ڪٿي کنڀي ويو، حڪومتي ترجمانن بلنڊر کي لڪائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ڌنڌ جو بهانو ڪيو، سيالڪوٽ جي انتظاميا، پوليس، آءِ جي پنجاب، چيف سيڪريٽري، پنجاب جو وڏو وزير ۽ حڪومت اڃا تائين گُم آهي، اها ڪهڙي ڌُنڌ آهي جو اُهي اڃا تائين گُم آهن، عمران خان جي مهرباني جو دُنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته 2018ع ۾ ووٽ ڪيئن چوري ٿيو، هاڻي ڊسڪه ۾ ٻيهر ننڍي چونڊ ٿي ته عوام تبديلي کي دفنائي ڇڏيندو، انشاءَ الله عام چونڊون به جلد ٿينديون. ان کان اڳ جاتي امرا مان ڊسڪه روانگي وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي مريمنواز چيو هو ته عمران خان سيالڪوٽ ۾ ڌانڌلي ڪرائي، عوام کي ٻڌائي ڇڏيو ته 2018ع جَي عام چونڊن ۾ ووٽ تي ڪيئن ڌاڙو هنيو ويو، ڌانڌلي ۽ 20 پرزائيدنگ آفيسرز کي مسنگ پرسنس بڻائڻ باوجود پي ٽي آءِ کي بدترين شڪست ملي. نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز چيو ته ڊسڪه ۽ وزيرآباد ۾ پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي خبر آهي ته عمران خان هاڻي ٻيهر اقتدار ۾ نه ايندو، عمران خان جا ماڻهو پنهنجو سياسي مستقبل محفوظ ڪرڻ ۾ لڳي ويا آهن، پي ٽي آءِ جو ڪوبه سياسي مستقبل نه آهي، سيالڪوٽ ۾ ننڍي چونڊ دوران پرزائيڊنگ آفيسرز وڪامجڻ کان انڪار ڪيو ته کين کنڀيو ويو، اسان وٽ وڊيوز جي صورت ۾ ثبوت موجود آهن، مريم نواز ڊسڪه ۾ چونڊ دوران فائرنگ سبب مارجي ويل ڪارڪنن جي پونيئرن سان تعزيت به ڪئي.










