ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خميس ڏينهن نئين مڪمل ٿيل 39 ڪلوميٽر ڊگهي شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي جو افتتاح ڪيو ۽ گڏوگڏ قيوم آباد کان ڪراچي پورٽ تائين ان جي اسٽريٽجڪ توسيع جو سنگِ بنياد رکيو. هنن ان منصوبي کي هڪ تاريخي سنگِ ميل قرار ڏنو جيڪو ڪراچي جي شهري نقل و حرڪت، معاشي رابطن ۽ ٽرانسپورٽ جي انفراسٽرڪچر کي بدلائي رکندو. سنڌ حڪومت جي ان فليگ شپ انفراسٽرڪچر پروجيڪٽ جي افتتاحي تقريب ايم9- موٽر وي جي ويجهو ڪاٺوڙ انٽرچينج تي منعقد ٿي جتي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه سان گڏ باضابطا طور تي ان تيز رفتار لنگهه کي ٽريفڪ لاءِ کوليو. تقريب کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه سان گڏ شاهراهه ڀٽو پهتو جتي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان جي افتتاحي سفر دوران پاڻ ايڪسپريس وي تي گاڏي هلائي ۽ ٽول ٽيڪس پڻ ادا ڪيو. نئين افتتاح ٿيل شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي ڄام صادق برج کان ڪاٺوڙ برج تائين تقريبن 39 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي ۽ ان کي 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار جي حد سان گڏ ڇهه لين وارو ڪنٽرولڊ-ايڪسيس ڪوريڊور جي طور تي ڊيزائين ڪيو ويو آهي. ان منصوبي ۾ ڇهه انٽرچينج، ٻه اهم ٽول پلازا، پنج ويهہ اسٽيشن (وزن ڪرڻ جا مرڪز) ۽ هڪ انڊرپاس شامل آهن ۽ هي 54.814 ارب رپين جي ڪل لاڳت سان مڪمل ٿيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ شاهراهه ڀٽو جي تڪميل پاڪستان پيپلز پارٽي جي جديد انفراسٽرڪچر، عوامي ڀلائي ۽ ڊگهي مدي واري شهري ترقي جي عزم جي عڪاس آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ ڪراچي پاڪستان جو معاشي انجن آهي، ۽ ان جو مستقبل جديد رابطن، موثر ٽرانسپورٽ سسٽمز ۽ پائيدار انفراسٽرڪچر تي ٻڌل آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ٿوٿن نعرن تي يقين نٿي رکي – اسان اهڙا منصوبا ڏيڻ تي يقين رکون ٿا جيڪي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائين ٿا. هن چيو تہ شاهراهه ڀٽو مرڪزي ڪراچي ۽ ايم9- موٽر وي جي وچ ۾ سفر جي وقت کي واضح طور تي گهٽ ڪندي جڏهن تہ موجوده سڙڪن تي ٽريفڪ جي دٻاءُ کي بہ گهٽ ڪندي. هن وڌيڪ چيو تہ هي ايڪسپريس وي محض هڪ سڙڪ ناهي؛ هي هڪ نئون معاشي ڪوريڊور آهي جيڪو تجارت، سرمائيڪاري، صنعتي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. چيئرمين پيپلز پارٽي چيو تہ قيوم آباد کان ڪراچي پورٽ تائين توسيعي منصوبو شهر جي صنعتي علائقن، پورٽ جي انفراسٽرڪچر ۽ قومي شاهراهن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. هن چيو ڪراچي پورٽ پاڪستان جي تجارتي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، ۽ هي توسيع ڪارگو جي نقل و حرڪت ۽ مسافرن ٻنهي لاءِ هڪ سڌو، موثر ۽ جديد رستو فراهم ڪندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شاهراهه ڀٽو کي تازن سالن ۾ سنڌ حڪومت پاران شروع ڪيل اهم ترين انفراسٽرڪچر منصوبن مان هڪ قرار ڏنو. مراد شاهه چيو تہ اسان ڪراچي جي عوام سان جديد انفراسٽرڪچر جو واعدو ڪيو هو، ۽ اڄ اسان ان عزم کي پورو ڪري رهيا آهيون. شاهراهه ڀٽو نقل و حرڪت کي زبردست حد تائين بهتر بڻائيندي، ٻارڻ جي کپت کي گهٽ ڪندي، سفر جو وقت بچائيندي ۽ شهرين لاءِ هڪ محفوظ ۽ تيز تر ٽرانسپورٽ ڪوريڊور فراهم ڪندي. وڏي وزير چيو تہ معاشي چئلينجن ۽ تعميراتي لاڳت ۾ اڳڀرائي جي باوجود هي ايڪسپريس وي مڪمل ڪئي وئي آهي جيڪا ڪراچي جي سڙڪن جي نيٽ ورڪ کي جديد بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي پڪي عزم کي ظاهر ڪري ٿي. وڏي وزير سنڌ چيو تہ ان وقت ڪراچي ۾ 1.7 ٽريلين رپين کان وڌيڪ ماليت جا ترقياتي منصوبا جاري آهن، هن وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح اها يقيني بڻائڻ آهي تہ ان ميگا پروجيڪٽس تي عملدرآمد دوران ڪو بہ شهري بي گهر نہ ٿئي. مراد شاهه وڌيڪ چيو تہ نئون شروع ٿيندڙ ڪراچی پورٽ ٽو قيوم آباد ڪوريڊور ڪراچي جي ٽرانسپورٽ سسٽم کي وڌيڪ يڪجا ڪندو ۽ بندرگاهه سان لاڳاپيل تجارتي سرگرمين کي فروغ ڏيندو. قيوم آباد کان ڪراچي پورٽ: هي توسيعي منصوبو، جيڪو جام صادق برج کان ڪراچي پورٽ جي ايسٽ وارف ۽ ايس اي پي (SAP) ٽرمينل تائين تقريبن 16.5 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، ان ۾ اضافي اسپر لنڪس، انٽرچينجز ۽ ٽولنگ انفراسٽرڪچر سان گڏ هڪ چار لين جو ڪوريڊور شامل هوندو جنهن جي تخمينہ لاڳت 64.20 ارب رپيا آهي. وزير بلديات ناصر شاهه تقريب کي ٻڌايو تہ هي توسيعي ڪوريڊور ڪراچي پورٽ کان اچڻ ۽ وڃڻ واري ڪارگو ۽ تجارتي ٽريفڪ لاءِ سڌو رابطو فراهم ڪندو، جنهن سان شهر جي موجوده سڙڪن تي رش گهٽ ٿيندو ۽ لاجسٽڪس جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. ناصر شاهه وڌيڪ چيو تہ ان ڪوريڊور سان رهائشي ۽ تجارتي رستن تي وڏين گاڏين جي آمد و رفت گهٽ ٿيڻ، سڙڪن جي حفاظت بهتر ٿيڻ ۽ ڪراچي پورٽ استعمال ڪندڙ برآمد ڪندڙن ۽ درآمد ڪندڙن لاءِ هموار لاجسٽڪس آپريشنز ۾ مدد ملڻ جي اميد آهي. وڏي وزير جي معاون خصوصي سيد قاسم نويد موجب شاهراهه ڀٽو جو آغاز مئي 2022 ۾ ڪيو ويو هو ۽ ان جي تخمينہ ٿيل بينچ مارڪ ٽريفڪ گنجائش روزاني 23,800 کان وڌيڪ گاڏين جي آهي جڏهن تہ هڪ سراسري ڏينهن ۾ قيوم آباد کان قائد آباد جي حصي کي پهريان ئي تقريبن 17,000 گاڏيون استعمال ڪري رهيون آهن. ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو تہ شاهراهه ڀٽو محض هڪ سڙڪ ناهي، بلڪہ هي ملڪ، صوبي ۽ شهر ڪراچي جي عوام سان پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي عزم جو مظهر آهي. هن نوٽ ڪيو تہ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن هڪ ئي وقت ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا آهن جن جو مقصد ٽريفڪ جي هجوم کي گهٽ ڪرڻ، رابطن کي بهتر بڻائڻ ۽ پوري شهر ۾ شهري انفراسٽرڪچر کي اپ گريڊ ڪرڻ آهي. معروف ڪاروباري شخصيت ۽ صنعتڪار عارف حبيب شاهراهه ڀٽو منصوبي جي تعريف ڪندي ان کي معاشي رابطن ۽ ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر جي لحاظ کان گيم چينجر قرار ڏنو. هن خاص طور تي قيوم آباد کان ڪراچي پورٽ تائين ان جي توسيع جو خيرمقدم ڪيو ۽ ان کي بندرگاهه ۽ اندرونِ ملڪ رستن جي وچ ۾ هڪ اهم ڪڙي قرار ڏنو. هن چيو تہ هي سڙڪ، شهر جي اندروني ٽريفڪ کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ، بندرگاهه جي ٽريفڪ کي اندرونِ ملڪ کڻي ويندي ۽ اتان واپس آڻيندي، جنهن سان وقت جي بچت ٿيندي، نقل و حمل جا خرچ گهٽ ٿيندا ۽ بالآخر تجارتي و صنعتي سرگرمين کي فروغ ملندو. توقع آهي تہ ڪراچي پورٽ توسيعي ڪوريڊور مڪمل ٿيڻ کانپوءِ روزاني 10,000 کان وڌيڪ گاڏين کي سنڀالي سگهندو. صوبائي وزيرن، چونڊيل نمائندن، سرڪاري اختيارين، انجنيئرن، ٺيڪيدارن ۽ معروف ڪاروباري شخصيتن افتتاح ۽ سنگِ بنياد جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.










