سياستدانن جو هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪرڻ سان معيشت ۾ بهتري ايندي

سياستدانن جو هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪرڻ سان معيشت ۾ بهتري ايندي

سکر: (ن س) وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته سياستدانن کي هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. ڀروسو هوندو ته ان سان خراب معيشت کي به بهتر بڻائي سگهجي ٿو. سکر ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پ پ جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته هر پارٽي جي ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي پارٽي جي سربراهه کي ليڊر آف هائوس بڻائي سگهجي. اسان جي ڪوشش آهي ته بلاول ڀٽو وزيراعظم بڻجي. پيپلز پارٽي 2018 ۾ پنهنجو منشور ڏنو ۽ ان تي عمل ڪري ڏيکاريو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کان پوءِ اهو پهريون موقعو آهي ته ڪنهن پارٽي پنهنجو منشور پورو ڪيو آهي. هاڻ به اسان چونڊن کان اڳ پنهنجو منشور ڏئي ڇڏينداسين. پ پ پنهنجي تير جي نشان تي چونڊن ۾ حصو وٺندي. پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته ٻين پارٽين سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري سگهون. جيستائين اسان سياستدان هڪ جڳهه، هڪ آواز نه ٿينداسين صورتحال تي ڪنٽرول نٿو ٿي سگهي. ملڪي معيشت خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آهي. معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڏو چئلينج آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو