ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر ) سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ ٻن ڏينهن جي وقفي کان پوءِ اڄ وڏو اضافو رڪارڊ ٿي ويو. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ سومر جي ڏينهن في اونس سون جي قيمت 46 ڊالر جي اضافي سان 4 هزار 554 ڊالر جي سطح تي اچي وئي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ جي اثر هيٺ مقامي سون جي بازارن ۾ به ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن 24 قيراط جي برابر في تولي سون جي قيمت 4 هزار 600 روپين جي اضافي سان 4 لک 77 هزار 762 روپين جي سطح تي اچي وئي. اهڙي طرح مقامي سطح تي في 10 گرام سون جي قيمت به 3 هزار 943 روپين جي اضافي سان 4 لک هڪ هزار 603 روپيه ٿي وئي.
جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس چاندي جي قيمت 2 ڊالر 36 سينٽ وڌي 77 ڊالر 86 سينٽس جي سطح تي اچڻ سان مقامي سون جي مارڪيٽن ۾ به في تولو چاندي جي قيمت 263 روپين جي اضافي سان 8 هزار 270 روپيه ۽ في 10 گرام چاندي جي قيمت به 203 روپين جي اضافي سان 7 هزار 90 روپين جي سطح تي اچي وئي آهي.










