سون جي في تولو قيمت ۾ 600 رپيا گهٽتائي

سون جي في تولو قيمت ۾ 600 رپيا گهٽتائي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ اڄ ڪاروباري هفتي جي مسلسل ٻئي ڏينهن سون جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه 600 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 2 لک 21 هزار 100 رپيا ٿي ويو آهي.اهڙي طرح سون جي 10 گرام جو اگهه 514 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 1 لک 89 هزار 558 رپيا آهي.ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 13 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 1927 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1100 رپين جي گهٽتائي ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو