شڪارپور(ن س)شڪارپور جي سول ڪورٽ سابق وفاقي وزير علي امين گنڊاپور کي باعزت بري ڪري ڇڏيو ،علي امين گنڊاپور مٿان رياست خلاف ٽوئيٽر تي ڳالهائڻ تان نيوفوجداري ٿاڻي تي امان الله بروهي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو ،شڪارپور جي اسپيشل ڪورٽ علي امين گنڊاپور کي ٻارنهن اپريل تي سکر جيل منتقل ڪيو هو ،جڏهن گذريل ڏينهن شڪارپور جي سول ڪورٽ جي جج اعجاز تنيو علي امين گنڊاپور کي باعزت بري ڪري ڇڏيو ،حليم عادل شيخ ،پي ٽي آء سنڌ جو صدر علي زيدي ،سابق وزيراعلا لياقت علي جتوئي،مبين جتوئي ،عباس جعفري ء ٻيا اسمبليء جا ميمبر شڪارپور پهتا ،تفصيل موجب شڪارپور جي عدالت علي امين گنڊاپور مٿان داخل ڪرايل ڪيس کي خارج ڪري ڇڏيو آهي ،علي امين گنڊاپور مٿان نيوفوجداري ٿاڻي تي شهري مان الله بروهي پاران رياست خلاف ڳالهائڻ تي ء ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪرڻ تان ڪيس داخل ڪرايو هو ،شڪارپور جي اسپيشل ڪورٽ علي امين گنڊاپور کي 12 اپريل تي سکر سينٽر جيل منتقل ڪيو هو ء پوليس کي 14 ڏينهن اندر ڪيس جو فريادي ء ڪيس جي تحقيقات مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ،علي امين گنڊاپور کي گذريل ڏينهن شڪارپور جي سول ڪورٽ جي جج اعجاز تنيو وٽ پيش ڪيو ويو ،ڪورٽ جي احاطي ء ڪورٽ ۾ وڏي انگ ۾ پي ٽي آء جا ڪارڪن پهتل هئا ،سنڌ جو پي ٽي آء جو صدر علي زيدي ،حليم عادل شيخ ،پي ٽي آء جا ميمبر مبين علي جتوئي ،سابق وزيراعلا لياقت علي جتوئي ء ٻيا پي ٽي آء ميمبر شڪارپور پهتا ،ڪورٽ ٻاهران حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ء سنڌي ماڻهون مهمان نواز آهن اسان جي ڪي پي جي ميمبر کي سنڌ ۾ رولايو ويو آهي ،پوليس ڌاڙيل پڪڙڻ بجاء هاڻي سياسي ماڻهن جي ڪڍ لڳي آهي ،پ پ ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي هئي جنهن سڀني کي هڪ ڪري گڏ کنيو هو ،علي امين گنڊاپور جي وڪيل محمد علي جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فريادي خود 15 ڪيسن ۾ گهربل جوابدار نڪتو آهي جيڪو 2 حاضرين تي پيش ناهي ٿيو جنهن ڪري ڪورٽ علي ايمن گنڊاپور کي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي ،جڏهن ته ڪورٽ مٺي پوليس کي واپس ڪري ڇڏيو ء علي امين گنڊاپور کي گرفتار ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي ،










