سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان فحش مواد هٽائڻ جو حڪم

سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان فحش مواد هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان فحش مواد هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ فيملي وي لاگنگ جي نالي تي سوشل ميڊيا تي فحش مواد جي موجودگي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت حسن بيگ جي درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪيو، جنهن ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ، يوٽيوب، سنيپ چيٽ ۽ ٻين ايپس تان غير اخلاقي مواد تي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. عدالت وفاقي حڪومت ۽ ٻين کي 20 فيبروري تائين ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته وفاقي حڪومت ۽ ٻيا 20 فيبروري تائين ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو