سوشل ميڊيا کي قانون موجب ريگيوليٽ ڪرڻ گهرجي: طلال

سوشل ميڊيا کي قانون موجب ريگيوليٽ ڪرڻ گهرجي: طلال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا بابت قانون موجود آهن پر پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا قانون تي عمل ناهي ڪيو ويو.ڳالهائيندي سينيٽر طلال چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا کي ريگيولر ڪرڻ لاءِ ڪو به قانون ناهي، سوشل ميڊيا تي به ماڻهو بليڪ ميل ٿين ٿا، ان کي ريگيولر ڪرڻ لاءِ به قانون هجڻ گهرجن.هن چيو ته تحقيقي ادارن کي اهي سهولتون ملڻ گهرجن جن تي تحقيق صحيح نموني ٿي سگهي، ادارن کي سموريون ٽيڪنيڪل شيون فراهم ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي.طلال چوڌري چيو ته سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا بابت قانون استعمال ڪيا وڃن ٿا، پاڪستان ۾ قانون تي عمل ڇو نه ٿو ٿئي، جيڪڏهن قانون نه هوندا ته ڪنٽرول ڪيئن ٿيندو.عوام تي وڌندڙ ٽيڪسن بابت سوال جي جواب ۾ طلال چوڌري چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪس جي ڊي پي جي شرح خطرناڪ حد تائين گهٽ آهي، جڏهن ته دنيا جا ملڪ رڳو ٽيڪس ادا ڪري هلن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو