اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي ڊي سيٽنگ خلاف اپيل داخل ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيڻ تي کيس طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ۾ ڊي سيٽ خلاف داخل اپيل تي قاسم سوري هڪ ڀيرو ٻيهر طلب نه ڪيو، جنهن تي عدالت قاسم سوري کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت طلبي جو نوٽيس قاسم سوري جي گهر ٻاهر لڳائڻ جو به حڪم ڏيندي چيو ته رڪارڊ موجب قاسم سوري جي ڀاءُ بلال نوٽيس وٺڻ کان انڪار ڪيو.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته قاسم سوري ڄاڻي واڻي پيش نه ٿي رهيو آهي، اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر پاران نوٽيس وٺڻ کان پاسو ڪرڻ افسوسناڪ آهي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ قاسم سوري جي وڪيل نعيم بخاري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جو موڪل ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو سرگرم آهي، جنهن تي نعيم بخاري چيو ته مون کي خبر ناهي صاحب، مان ٽي وي نه ٿو ڏسان،جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اوهان پاڻ ميڊيا جي شخصيت آهيو ۽ ٽي وي نه ڏسندا آهيو، ايڪس يا ٽوئيٽر کان واقف آهيو؟ نعيم بخاري چيو ته مان سوشل ميڊيا استعمال نٿو ڪريان ۽ نه ئي ڄاڻان ٿو ته ان کي ڪيئن استعمال ڪجي،چيف جسٽس چيو ته توهان پاڻ کي پوڙهو ڇو سمجهي رهيا آهيو، جوان ۽ تازه ترين رهو، جنهن تي نعيم بخاري چيو ته مان پوڙهو ٿي چڪو آهيان، جسٽس عرفان سعادت چيو ته ٽي وي پروگرام ۾ توهان چيو هو ته منهنجا دوست مون کي پوڙها ٿيڻ نه ڏيندا.وڪيل نعيم بخاري عدالت کي ٻڌايو ته قاسم سوري سان منهنجو رابطو ناهي.چيف جسٽس چيو ته ايندڙ ٻڌڻي جولاءِ ۾ ٿيندي، عدالتي حڪم ۾ ايندڙ تاريخ مقرر ڪئي ويندي، بعد ۾ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










