سوات: سي ٽي ڊي پوليس اسٽيشن اندر ڌماڪو، 8 ڄڻا مارجي ويا

سوات: سي ٽي ڊي پوليس اسٽيشن اندر ڌماڪو، 8 ڄڻا مارجي ويا

سوات(ويب ڊيسڪ)سوات جي علائقي کبل ۾ سي ٽي ڊي پوليس اسٽيشن اندر آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 8 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي خالد سهيل چيو ته پوليس اسٽيشن سي ٽي ڊي ڪابل ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سان پوليس اسٽيشن جي عمارت ڪري پئي.خالد سهيل موجب ڌماڪي سبب علائقي جي بجلي بند ٿي وئي، ڌماڪي جي نوعيت معلوم ڪئي پئي وڃي.آءِ جي خيبرپختونخواهه اختر حيات گنڊاپور جو چوڻ آهي ته ڪابل ۾ سي ٽي ڊي پوليس اسٽيشن تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا، صوبي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي.بعد ۾ پوليس اختيارين ٻڌايو ته پوليس اسٽيشن اندر ڌماڪي ۾ 8 پوليس اهلڪار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو