سنڌ ۾ 2 لک سولر سسٽم ورهائڻ  واري منصوبي جي منظوري

سنڌ ۾ 2 لک سولر سسٽم ورهائڻ واري منصوبي جي منظوري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر)ورلڊ بئنڪ سنڌ صوبي ۾ 2 لک يونٽ سولر سسٽم ورهائڻ جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينحسن وفد سميت شرڪت ڪئي، توانائي واري وزير ناصر شاهه 2 لک سولر يونٽن جي ورڇ بابت ورلڊ بينڪ جي ٽيم کي بريفنگ ڏني.اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ جي جاري ۽ نون منصوبن جو جائزو ورتو ويو، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته عالمي بئنڪ جا 3.4 بلين ڊالرن جا 14 منصوبا جاري آهن، مان ذاتي طور تي هر منصوبي جي اڳڀرائي جي نگراني ڪندو آهيان، سموري رٿابندي جي عمل P&D منصوبن جي اڳڀرائي کي ورلڊ بئنڪ سان شيئر ڪري ٿو.ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته 6 آگسٽ تي ڄام صادق پل جي ڊيزائن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، فائنل ڊيزائن ۾ ڪجهه دير ٿي آهي جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مان نگراني ڪري رهيو آهيان.صوبائي وزير سعيد غني چيو ته لوڪل ڪائونسلن جي 9.68 ملين ڊالرن جي لاڳت سان ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، شهرين جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، پراپرٽي ٽيڪس سروي لاءِ فرمون رکيون ويون آهن، 30 آگسٽ کان ڪم شروع ڪيو ويندو. .واضح رهي ته گذريل هفتي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي جي 2 لک گهرن کي سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.وڏي وزير هائوس ۾ سولر هوم سسٽم جي معاهدي جي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته هو صوبي ۾ 20 لک گهرن کي سولر ڪرڻ چاهين ٿا، شروعاتي طور تي 2 لک گهرن کي سولر ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هن چيو ته گهٽ آمدني وارن خاندانن کي 80 سيڪڙو سبسڊي تي سولر سسٽم فراهم ڪيو ويندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رجسٽرڊ ٿيل خاندانن کي پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو.هن چيو ته 34 سرڪاري عمارتن کي سولر انرجي تي تبديل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ عمارتن کي به تبديل ڪيو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته سولر ٽيسٽنگ ليبارٽريون به قائم ڪيون پيون وڃن، سنڌ ۾ نوجوانن کي سولر ٽيڪنيشن طور پڻ تربيت ڏني پئي وڃي.هن چيو ته ٿر مان سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، پهرين مرحلي ۾ 400 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندا، عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو