ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾وقفي وقفي سان وسڪارو جاري آهي ۽ هي رپورٽ فائيل ڪرڻ تائين سڀ کان وڌيڪ برسات بدين ۾ 53 ۽ ميرپورخاص ۾ 48 ملي ميٽر رڪارد ٿي. باقي سنڌ جي علائقن ۾ هن مهل تائين نارمل برسات پئي آهي. سڄي سنڌ ۾ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي ۽ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي تي اڄ ڪراچي سميت سنڌ جي ڏاکڻين ضلعن ۾ زوردار برسات پوڻ جو امڪان آهي. هوڏانهن اڱاري تي صبح جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو حيدرآباد، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرن سان رابطو ڪري برسات جي صورتحال بابت معلومات ورتي. وڏي وزير، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان ۽ سجاول جي ڊپٽي ڪمشنرن کي به فون ڪري برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي. سنڌ جي لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن پنهنجي ضلعي جي تعلقي وار برسات بابت رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي.










