ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اڳوڻي نگران گهرو وزير حارث نواز سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي الزام جي رد عمل ۾ چيو آهي ته مون ڪو به ايس پي يا ايس ايڇ او مقرر ناهي ڪيو، سموريون پوسٽنگون ان وقت جي آءِ جي سيڪيورٽي ڪليئرنس کانپوءِ ڪيون، اسان جي دور ۾ اهو ڏوهه هو. گراف تمام گهٽ هو. هن چيو ته آگسٽ 2023ع کان فيبروري 2024ع تائين ڏوهن جي شرح گهٽ رهي، اسان جي دور ۾ 150 جي لڳ ڀڳ ڌاڙيل زخمي ٿيا ۽ هزارين ڪيس داخل ٿيا. هن چيو ته منشيات فروشن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي، منشيات فروشن به ڦرلٽ ڪندا آهن، منشيات فروش جڏهن ڏوهه ڪندا آهن ته کين خبر ئي نه پوندي آهي ته هو فائرنگ ڪندا آهن.










