ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ميئر جا سمورا 6 عهدا کٽي ورتي آهي.ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن تي مرتضيٰ وهاب، حيدرآباد ۾ ڪاشف شورو، سکر ۾ ارسلان شيخ ۽ ميرپورخاص ۾ عبدالرئوف چونڊجي ويا آهن.شهيد بينظير آباد ۾ پيپلز پارٽي جو رشيد ڀٽي ۽ لاڙڪاڻي جو انور علي لوهار ميئر چونڊجي ويا آهن. سنڌ جي 36 ميونسپل ڪميٽين مان 31 تي پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي آهي، جڏهن ته 1 ۾ جي ڊي اي جو چيئرمين چونڊجي ويو آهي.سنڌ جي 22 مان 20 ضلعي ڪائونسلن ۾ پيپلز پارٽي جا چيئرمين چونڊجي ويا آهن.سنڌ جي 143 ٽائون ڪميٽين مان 129 ۾ پيپلز پارٽي چيئرمين، 5 ٽائون ڪميٽين تي جي ڊي اي، هڪ ٽائون ڪميٽي ۾ آزاد ۽ هڪ ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين چونڊيو ويو آهي.
ميونسپل ڪارپوريشن جي 44 مان 27 تي پيپلز پارٽي ڪامياب
سنڌ جي 44 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنن مان 27 ۾ پيپلز پارٽي جا چيئرمين ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته سنڌ جي 6 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنن ۾ جماعت اسلامي ۽ 3 شهر ميونسپل ڪارپوريشن ۾ تحريڪ انصاف ڪامياب ٿي آهي.
عوام فيصلو ڪيو ته هو ترقياتي ڪمن سان گڏ آهن: شرجيل ميمڻ
سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ ڪلين سوئپ ڪيو آهي، هر ضلعي ۾ اسان جا ميئر ۽ چيئرمين چونڊيا ويا آهن.شرجيل ميمڻ چيو ته عوام فيصلو ڪيو آهي ته هو ترقياتي ڪمن سان گڏ آهن، ڪراچي ۾ مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان مراد جي ڪاميابي آهي، اها ڪاميابي پ پ ۽ ڪراچي جي ڪاميابي آهي.










