سنڌ ۾ مهمان پکين جي آمد، شڪاري به حرڪت ۾ اچي ويا

سنڌ ۾ مهمان پکين جي آمد، شڪاري به حرڪت ۾ اچي ويا

ٺٽو(ن س) ٺٽي جي ننڍين وڏين ڍنڍن ڪينجھر، ھڏيرو، ھاليچي ڍنڍ توڙي ڪوھستاني پٽي ۾ ٿڌن ملڪن سائيبيريا ۽ ٻين ملڪن کان ڪھي ايندڙ پکين آڙي، نيرڳي، ڪونج، تلور ۽ ٻين ناياب پکين جو شڪار کلي عام شڪارين پاران جاري آھي، جيڪي پکين جو شڪار ڪري انھن کي کلي عام وڪرو ڪري رھيا آھن، پر وائلڊ لائيف کاتو شڪارين اڳيان بيوس بڻجي گھري ننڍ ستل آھي، جنھن ڪري پرديسي پکين جي نسل ڪشي تيزي سان جاري اھي، جن کي ڍنڍن اندر پکين جي ٻولين واريون ڪيسٽون وڄائي انھن کي رڇن وسيلي پڪڙڻ سميت ڪوھستاني پٽي ۾ تلور، ڪونج، ٻاٽيرو ۽ ٻين پکين جو بااثر شڪارين پاران بندوقن وسيلي شڪار ڪيو پيو وڃي، ڍنڍن اندر پکين جا عضوو ڀڃي انھن کي حد کان وڌيڪ ايزاء ڏنو ٿو وڃي، جنھن طرف ضلعي انتظاميہ بہ ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناھي، مقامي رھواسين پرديسي پکين جي ٿيندڙ نسل ڪشي کي روڪي انھن جو شڪار ڪندڙ شڪارين خلاف ڪاروائي ڪري پکين کي تحفظ مھيا ڪرڻ جي گھر ڪئي اھي.

پهنجو تبصرو موڪليو