ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو، سنڌ جي گهرو کاتي ان ڏس ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، سمارٽ لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، نوٽيفڪيشن موجب جنهن علائقي ۾ ڪورونا ڪيس وڌيڪ هوندا، اُتي آگاهي مهم سان گڏ متاثرن کي گهرن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويندو.










