سنڌ ۾ قهر جي گرمي، جيڪب آباد ۽ دادو گرم ترين علائقا قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي 12 شهرن ۾ هفتي کان جاري گرمي جي لهر جي ٻئي ڏينهن پارو 46 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اربع ڏينهن جيڪب آباد، دادو ۽ موهن جو دڙو نه رڳو سنڌ پر ملڪ جا گرم ترين علائقا رهيا، جتي وڌ کان وڌ گرمي جو پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. روهڙي، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، پڊعيدن ۽ شهيد بينظير آباد ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، ان کان علاوه مٺي ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ، ڇور ۾ 46.5، سڪرنڊ ۽ حيدرآباد ۾ 45.5، ميرپورخاص ۽ ٽنڊوڄام ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ بدين 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ڊيٽا ڏيکاري ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ 5 شهرن ۾ رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ درجه حرارت عام درجه حرارت کان 5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ هئي (مختلف علائقن جي ماهوار سراسري گرمي پد). مٺي ۾ گرمي پد معمول کان 5.3 ڊگري سينٽي گريڊ، جيڪب آباد، روهڙي، سکر ۽ موهن جو دڙو ۾ 5، چورس ۾ 4.3، ميرپورخاص 4.2، پڊعيدن ۾ 3.7 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 3.6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مٿانهين فضا ۾ تيز دٻاءُ واري علائقي سبب مٿانهين ۽ وچ واري سنڌ جي علائقن ۾ گرمي جي لهر آهستي آهستي شدت اختيار ڪندي. ڪراچي ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 37.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته موسم جي شدت 40 ڊگري سينٽي گريڊ جي ويجهو محسوس ڪئي وئي. چيف ميٽرولوجسٽ ڊاڪٽر ايس سرفراز موجب موجوده موسمي صورتحال ٻڌائي ٿي ته ايندڙ وقت ۾ گرمي جي لهر ۾ تيزي ايندي. هن چيو ته حقيقت ۾ سخت موسم 4 کان 5 جون تائين جاري رهندي پر 27 مئي کانپوءِ گرمي پد ۾ ڪجهه گهٽتائي ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو