سنڌ ۾ اسڪول، هوٽل ۽ تفريحي ماڳ ٻيهر بند ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ اسڪول، هوٽل ۽ تفريحي ماڳ ٻيهر بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه آمريڪا مان واپس ايندي ئي ڪورونا وائرس بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس گهرايو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ وائرس ڦهلجڻ جي شرح 7.4 سيڪڙو ٿي وئي آهي ۽ 5.5 سيڪڙو کان وڌڻ خطرناڪ سمجهي ويندي آهي. اجلاس ۾ ڪراچي اندڙ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ واري شرح ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي فيصلو ڪيو ويو ته پهرين کان اٺين تائين اسڪول جمعي کان بند رهندا، نائين کان مٿي درجي جا تعليمي ادارا جن ۾ امتحان هلندڙ آهي انهن کي ڇڏي ٻيا بند ڪيا ويندا. تفريحي پارڪس، واٽر پارڪس، سي ويو، هاڪس بي، ڪينجهر ڍنڍ جمعي کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، انڊور ڊائننگ کي سڀاڻي رات کان بند  ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ مختلف قسم جا 356 ڪيسز 12 جولاءِ 2021 تائين ظاھر ٿيا آھن، يوڪي ويرينٽ جا 92، سائوٿ آفريقا 162، برازيلين 29، انڊين 66، پي ون 501، وي واءِ جا 3 ۽ وائلڊ ٽائپ جو ھڪ ڪيسز ظاھر ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو