سنڌ ۽ پنجاب ۾ اڄ کان گرمي پد ۾ اضافو ٿي ويو

سنڌ ۽ پنجاب ۾ اڄ کان گرمي پد ۾ اضافو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته اڄ ڪراچي ۾ گرمي جو پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو. سندن اهو به چوڻ آهي ته پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي جي شدت ۾ اڄ کان واڌ ٿيندي ۽ هيٽ ويو ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿي. پنجاب ۾ لاهور، فيصل آباد، ملتان ۽ سرگوڌا سميت مختلف شهرن ۾ گرمي جي لهر جاري آهي، جڏهن ته سنڌ جي نوابشاهه، سکر ۽ حيدرآباد سميت ٻين علائقن ۾ سخت گرمي جي لهر آهي، جتي پارو 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان به وڌي سگهي ٿو. ماهر ماحوليات ڊاڪٽر ذوالفقار پنجاب ۾ گرمي جي لهر وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته 11 مئي کان راتين ۾ به گرمي وڌڻ جو امڪان آهي. آچر تي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد نوابشاهه، موهن جو دڙو ۽ جيڪب آباد ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي شهرين کي صلاح ڏني آهي ته هو منجهند جي وقت گهٽ ٻاهر نڪرن، ڇانوَ واري هنڌن تي رهن ۽ پاڻي گهڻو پيئن.

پهنجو تبصرو موڪليو