سنڌ: گھوٽڪي ۾ نوان گيس جا نوان ذخيرا دريافت

گهوٽڪي(ن س)ماڙي پيٽروليم ڪمپني ملڪ ۾ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ماڙي پيٽروليم ڪمپني پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ صوبي جي ضلعي گهوٽڪي ۾ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن.بيان ۾ چيو ويو آهي ته گهوٽڪي ۾ شروعاتي طور تي روزانو 51 لک ڪيوبڪ فوٽ گئس پيدا ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته گهوٽڪي ۾ گيس جو کوهه 1015 ميٽرن تائين ڊرل ڪيو ويو.ان حوالي سان ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي ايم ڊي فهيم حيدر جو چوڻ آهي ته گهوٽڪي گيس جي اها دريافت ڪمپني جي وڏي ڪاميابي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو