سنڌ وٽ توانائي بحران جو حل آهي:مراد شاهه

سنڌ وٽ توانائي بحران جو حل آهي:مراد شاهه

ٿرپارڪر(ن س) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش توانائي بحران جو حل سنڌ وٽ آهي. ٿرڪول منصوبي جي ٻئي مرحلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ گئس جا ذخيرا ڳولڻ جو سفر 1991ع ۾ شروع ٿيو ۽ آصف علي زرداري صدر بڻجڻ کان اڳ چيو هو ته هي منصوبو انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ٿر ۾ 50 هزار ميگا واٽ رينيو ايبل انرجي جو ڪوريڊور آهي،جيڪڏهن منصوبي تي ڪم جاري هجي ها ته 10 هزار ميگا واٽ بجلي ملي ها، پر اڳوڻي وزيراعظم هتي اچڻ پسند نه ڪيو. هن چيو ته سنڌ پاڪستان جي انرجي باسڪيٽ آهي، سنڌ پاڪستان جي 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿي، صوبي وٽ پاڪستان جي توانائي بحران جو حل موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو