لاڙڪاڻو(پريس رليز) سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تفريح لاءِ سالياني سوشل ٽرپ جو بندوبست، پرو وائس چانسلر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جي سربراهي ۾ حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول، سنڌ ميوزيم، بولورڊ مال، المنظر سميت حيدرآباد جي ٻين تاريخي جڳهن جو دورو. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو جي پي آر او عاطف رفيق سمون جي جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو پاران پرو وائس چانسلر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جي سربراهي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تفريح لاءِ سالياني سوشل ٽرپ جو بندوبست ڪيو ويو، 150 کان مٿي ڪمپيوٽر سائنس، بي بي اي ۽ انگلش ڊپارٽمينٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول، سنڌ ميوزيم، بوليورڊ مال، المنظر سميت حيدرآباد جي ٻين تاريخي جڳهين جو دورو ڪري ڀرپور نموني لطف اندوز ٿيا، ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو چوڻ هو ته تعليم سان گڏ اهڙي قسم جون غير نصابي سرگرميون صلاحيتن ۾ اضافو ڪري خود اعتمادي پيدا ڪن ٿيون، اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي، اسان پرو وائس چانسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه صاحب جا ٿورائتا آهيون جو جنهن اسان کي اهڙو خوبصورت سفر مهيا ڪيو، تاريخي ۽ تهذيبي جڳهين جو جائزو وٺي ڀرپور ڄاڻ ملي ۽ مزو پڻ آيو. اميد آهي ته مستقبل ۾ اها روايت برقرار رکندي سنڌ جي هڪٻئي تاريخي شهر جو دورو ڪرايو ويندو. پرو وائس چانسلر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جو چوڻ ھو ته ھر ماڻھون مھانگائي سبب پريشان آهي، اسان ڪوشش ڪريون پيا ته مرجھايل چھرن تي مرڪون وکيرڻ لاءِ تعليم سان گڏوگڏ غير تدريسي سرگرميون به ڪرايون. هن چيو ته ڊي سي لاڙڪاڻو محترمـ رابعـ سيال جي تعاون سان لاڙڪاڻو ميڊيڪل يونيورسٽي طرفان ٽرپ لاءِ پوائنٽ بسون مهيا ڪيون ويون، جنهن تي سندن جا ٿورائتا آهيون، ڪوشش ڪريون پيا ته ڪئمپس لاءِ پنهنجي پوائنٽ بس هجي جيئن شاگردن کي ۽ شاگردياڻين کي سفر ڪرڻ ۾ آساني ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ نه رڳو لاڙڪاڻي شهر پر رتوديرو، نئون ديرو، قمبر، شهدادڪوٽ، باقراڻي، ڏوڪري، باڊهه سميت ٻين شهرن کان شاگرد اچي تعليم پرائن پيا. هن چيو ته اسان جا نوجوان تعليم سان گڏ مختلف هُنرن ۾ به محنت ڪندڙ ۽ قابليت رکندڙ آهن، شاگرد پنهنجي قابليتن ۽ صلاحيتن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندي نوڪريءَ سان گڏ ذاتي ڪاروبار طرف به سوچين، ڪابه يونيورسٽي تحقيق کانسواءِ اڌوري هوندي آهي، ان لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تحقيق جي ميدان ۾ اڳتي اچڻ گهرجي، يونيورسٽيءَ طرفان کين گهربل سهولتون فراهم ڪيون وينديون.










