سنڌ واسين کي  دربدر سنڌ حڪومت ڪيو،قومي عوامي تحريڪ جو احتجاج

سنڌ واسين کي دربدر سنڌ حڪومت ڪيو،قومي عوامي تحريڪ جو احتجاج

حيدرآباد (ن سنڌيار) سنڌ جا سوين شھر ۽ ھزارين ڳوٺ ٻوڙي ڪروڙين ماڻھن کي دربدر ڪندڙ حڪمران دادو سميت باقي 10-09بچيل شھرن کي بھ ھٿ وٺي ٻوڙائي رھيا آھن. جيڪي حڪمران عوام جي مشڪل وقت ۾ واھر نٿا ڪري سگھن اھي عوام سان فراڊ، ڪوڙ، ٺڳي ڪري ڪروڙين ماڻھن جي زندگين سان کيڏڻ بدران فوري طور تي استيفعا ڏئي گھر ڀيڙا ٿين. سنڌ مٿان وڏيرا، جاگيردار ۽ سردار حڪمران قابض آھن. جن جو عوام سان ڪو بھ واسطو نھ آھي. تازو سنڌ حڪومت جي انفارميشن کاتي جي وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪئي آھي، جنھن ۾ ھو سراسر ڪوڙيون ڳالھيون ٿو ڪري. سنڌ حڪومت وٽ ٻوڏ متاثرن ۽ ٿيل تباھي جا انگ اکر ئي موجود ناھن. اھڙو اظھار عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر، نور احمد ڪاتيار ۽ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي. اڳواڻن چيو آھي تھ شرجيل انعام ڄاڻايو آھي تھ 1600 رليف ڪيمپون آھن ۽ ان ۾ 5 لک 93 ھزار 6 سئو ويھ ماڻھو رھن ٿا. 10 لک 79 ھزار چار سئو ٽينٽ متاثر ماڻھن کي سنڌ حڪومت طرفان ڏنا ويا آھن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آھي تھ سنڌ سرڪار جي صورتحال اھا آھي تھ حيدرآباد جي ڪيترن ئي اسڪولن، ڪاليجن ۽ ٻين جاين تي موجود ڪيمپن کي ڪمشنر، ڊي سي يا ڪو ٻيو سنڌ سرڪار جو آفسر رليف ڪئمپ ڊڪليئر ڪرڻ لاءِ تيار ئي نھ آھن ۽ نھ ئي رليف ڪئمپن جي لسٽ فراھم ڪئي وڃي ٿي. سنڌ سرڪار ڪيمپن کي ان ڪري سرڪاري طور ڊڪليئر نٿي ڪري تھ انھن ڪيمپن ۾ سرڪاري طور گھربل سھولتون فراھم ڪرڻيون پونديون. حيدرآباد جي ڪيترن ئي ڪيمپن کي سرڪاري طور ڊڪليئر نھ ڪرڻ سبب متاثر ماڻھن کي نھ ماني ملي ٿي، نھ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، نھ ئي علاج جو ڪو بندوبست ٿيل آھي. ماني جو ڪم سيلاني جي حوالي ڪيو ويو آھي جيڪو کاڌو انتھائي خراب ۽ کائڻ جي لائق نھ آھي. ماني جي نالي ۾ روزاني ڪروڙن روپين جا بل ٺاھيا وڃن ٿا. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آھي تھ ھڪ ھفتو اڳ وزيراعليٰ مراد علي شاھ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ھو تھ 50 لک گھر ڪري پيا آھن جيڪي رھڻ جي لائق نھ آھن. ان حساب سان ھڪ گھر جا رڳو 5 ڀاتي ڳڻجن تڏھن بھ انگ اڍائي ڪروڙ ٿئي ٿو. انھن اڍائي ڪروڙ ماڻھن لاءِ سنڌ سرڪار ڪو بھ بندوبست نھ ڪيو آھي. حيدرآباد ۾ فقط 200 ٽينٽ لڳايا ويا آھن. ڪراچي ۾ لکين ٻوڏ متاثر دربدر آھن انھن جيِ رھائش لاءِ سنڌ سرڪار ڪو بھ بندوبست نھ ڪيو آھي. اڳواڻن چيو تھ رھيل علائقن کي ھٿ وٺي ٻوڙايو پيو وڃي. ڀان سعيد آباد ۽ ٻين يوسيز کي ٻوڙايو ويو آھي. دادو شھر کي بھ ھٿ وٺي ٻوڙائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. انھن متاثر ماڻھن جو انگ بھ لکن جي تعداد ۾ آھي. شرجيل انعام ميمڻ جي ڏھ لک اوڻاسي ھزار ٽينٽ ورھائڻ جي دعوا بھ سراسر ڪوڙ آھي. اھي ٽينٽ جيڪڏھن ڏنا ويا آھن تھ ڀوتارن ۽ ڪمدارن کي ڏنا ويا آھن پر ڄامشورو کان وٺي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾، ھٽڙي بائي پاس کان وٺي ٽنڊو محمد خان روڊ، ميرپور خاص روڊ، شيخ ڀرڪيو روڊ ۽ ٻين روڊن سان ڏسبو تھ ھزارين ماڻھو سرڪاري ٽينٽن کان سواءِ کليل آسمان ھيٺ روڊن جي ڪنارن تي ويٺل آھن. جن جو ڪو بھ ڌڻي سائين ناھي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آھي تھ متاثر ماڻھو مليريا، ڊينگي، گيسٽرو ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ ورتل آھن. سرڪاري سطح تي سندن ڪو بھ علاج نٿو ڪيو وڃي. ڪيترائي ٻار ۽ عورتون جن کي وڏين اسپتالن ۾ داخل ڪرڻ جي فوري ضرورت آھي پر سنڌ سرڪار جي نااھلي ۽ بي حسي سبب ھو روڊ جي ڪنارن تي سخت گرمي ۾ تڙپي رھيا آھن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آحي تھ جيڪي حڪمران مشڪل وقت ۾ عوام جي واھر نٿا ڪن، اھي فوري طور استيفعا ڏئي گھر ڀيڙا ٿين ٻي پاسي سنڌ سرڪار طرفان برسات متاثرن کي بي يارو مددگار بنائي بک بيماري ۽ بدحالي حوالي ڪرڻ، انتظامي لاپرواھي ۽ غفلت ۽ ٻوڏ متاثرن سان ناانصافي ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ طرفان پريس ڪلب لاڙڪاڻو اڳيان ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڪامريڊ مصطفيٰ چانڊيو، عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ ذوالفقار علي ميراڻي، حاجي علي حسن وڪو، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر فرحان ڪلهوڙو، محمد خان چانڊيو، علي محمد وڪو، فقير خاوند ڏنو، زبير سرفراز سومرو ۽ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڊي سي قمبر شهداد، ڊي سي دادو ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو ٻوڏ متاثرن جي ڪابه واھر ناھي ڪئي ۽ پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاھي ڪري مجرماڻي غفلت ۽ ڏوھ ڪيو آھي. سندن ڊيوٽي صرف چونڊيل نمائندن ۽ ڀوتارن جي ڪمداري ڪرڻ ۽ سندن بنگلن تي ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل سامان، ٽينٽ پھچائڻ آھي. قمبر قمبر-شھدادڪوٽ جي تعلقي وارھ جي ڳوٺن ۾ ڪئترائي ماڻهو اڃا تائين ڦاٿل آھن، انهن تائين ڪابه امدادي رسد ناھي پھچي سگھي ڳوٺ حاجي سائين رکيو چانڊيو ۽ يوسي غيبي ديرو جو عوام بکن ۽ بيمارين ۽ بک ۾ مري رھيو آھي، دادو ضلعي خصوصن تعلقي خيرپورناٿن شاھ ۽ ميھڙ جي ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ سبب ھر روز ٻار ۽ ٻڍا بيمارين وگھي انتظاميا جي مجرمانا غفلت سبب مري رھيا آھن ڪٿي به ڊي سي دادو نظر نه ٿو اچي. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٻوڏ متاثرن کي ٻن ويلن جو کاڌو نه ٿو پھچايو وڃي برسات متاثر کليل ھنڌن تي نٽھڻ اسن ۾ ويٺل آھن کاڌو راشن ۽ ٽينٽ چونڊيل نمائندن ۽ يوسي چيئرمينن حوالي ڪيو ويو آھي جتان سفيد پوش ۽ من پسند ماڻھن کي سفارش جي بنياد تي ڏنو ٿو وڃي، سيشن جج سميت ڪوبھ اعليٰ عملدار اھڙي غير قانوني عمل جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آھي، مظاھرين مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ماڻھن کي ھٿرادو ٻوڏ ۾ ٻوڙي دربدر ڪندڙ انتظاميا خلاف اعليٰ سطحي جانچ ڪري مٿن ايف آءِ آر داخل ڪري، کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ مظلوم ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪئي وڃي، ٻوڏ سبب مري ويلن جي خاندان کي 50 لک ۽ بيمارن لاءِ 20 لک امداد جو اعلان ڪيو وڃي، بي گھر ٿيلن کي گھر ٺھرائي ڏنا وڃن ۽ متاثر ٿيل ھر خاندان کي گھٽ ۾ گھٽ 50 لک روپيا امداد ڏني وڃي، اسن بکن ۽ بيمارين ۾ مبتلا متاثرن جي فوري واھر ڪئي وڃي امدادي سامان ڀوتارن جي بنگلن بدران حقيقي ٻوڏ متاثرن تائين پھچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو