ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ موٽرسائيڪلن جي نمبر پليٽن جي تبديلي خلاف درخواست جي تڪڙي ٻڌڻي جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته درخواست موڪلن کان پوءِ پيش ڪئي وڃي.عدالت ۾ وڪيل چيو ته هي هڪ تڪڙي معاملو آهي، هزارين موٽرسائيڪل سوارن جا چالان جاري ڪيا پيا وڃن.جسٽس ذوالفقار چيو ته موڪلن دوران ڪجهه هزار رپين جو معاملو آندو ويو آهي، ٻيا به اهم ڪيس آهن.ياد رهي ته سماجي ڪارڪن نمبر پليٽن جي تبديلي جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، موٽر وهيڪل رجسٽريشن ونگ ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي ڌر بڻايو ويو آهي.










