سنڌ فوڊ اٿارٽي 15 مئي کان برانڊز جي رجسٽريشن ڪندي

سنڌ فوڊ اٿارٽي 15 مئي کان برانڊز جي رجسٽريشن ڪندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو آهي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي سنڌ جي خوراڪ واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي ويزن موجب 15 مئي کان سمورن پيڪڊ آئٽمز جي فوڊ پروڊڪٽس / برانڊ ز جي رجسٽريشن جو عمل شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان جو مقصد اٿارٽي کي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ آهي. اهي ڪاروباري حضرات جيڪي پنهنجي مصنوعات کي سنڌ فوڊ اٿارٽي ۾ رجسٽر نه ڪرائيندا انهن خلاف سنڌ فوڊ اٿارٽي ايڪٽ 2016 تحت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلستان جوهر ۾ پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ( پي ايس ڪيو سي اي ) جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪندي ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين ڊائريڪٽر ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي (ڪيو سي سي) ڊاڪٽر طاهره ظهير ۽ ٻين ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڊائريڪٽر سنڌ فوڊ اٿارٽي مسعود ڀٽو، ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل احمد علي شيخ ۽ ڊاڪٽر سيما اشرف پڻ موجود هئا. ملاقات جو مقصد فوڊ پروڊڪٽس جي برانڊن جي رجسٽريشن ۽ فيڊرل فوڊ اٿارٽي سان گڏيل ڪم ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو. ڊائريڪٽر جنرل آغا فخر حسين وڌيڪ چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي سنڌ فيڊرل فوڊ اٿارٽي سان گڏجي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندي ته جيئن سنڌ جي عوام کي کاڌ خوراڪ جون بهتر شيون فراهم ڪيون وڃن. ان کان علاوه هن چيو ته سنڌ جي خوراڪ واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا هدايت ڪئي آهي ته معياري کاڌ خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ کاڌ خوراڪ جي شين ۾ ملاوٽ يا غير معياري کاڌ خوراڪ وڪرو ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس دوران اهو به فيصلو ڪيو ويو ته (ايس ايف اي) سنڌ فوڊ اٿارٽي جي آفيسرن کي ان مقصد لاءِ (ڪيو سي سي) جي ليب استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. ڊائريڪٽر جنرل آغا فخر حسين چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جي انتظاميه سنڌ جي عوام کي محفوظ ، صحت بخش ۽ ملاوٽ کان پاڪ خوراڪ جي فراهمي جي لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو