سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران سائنٽيفڪ پينل قائم ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران سائنٽيفڪ پينل قائم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ فوڊ اٿارٽي سائينٽفڪ پينل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آئل ۽ گيهه جي شعبي لاءِ 20 رڪني سائينٽفڪ پينل قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. سائينٽفڪ پينل ۾ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان فوڊ اٿارٽي جا نمائندا به شامل آهن. مختلف يونيورسٽين جي فوڊ سائنس ماهر ۽ بناسپتي مينوفيڪچررز ايسوسي ايشن جا نمائندا به پينل ۾ شامل هوندا. پينل خوراڪ جي معيار ۽ فني رخن بابت سنڌ فوڊ اٿارٽي کي سفارشون ڏيندو. ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو جو چوڻ آهي ته پينل جديد جاچ جي روشني ۾ خوراڪ جي شين جو معيار طئي ڪندو، سائينٽفڪ پينل جي قدمن سان آئل ۽ گيهه جي صنعت ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو چيو ته سائينٽفڪ پينل جي جوڙجڪ سان خوراڪ جي تحفظ ۽ معيار ۾ بهتري ايندي، پينل عوام کي محفوظ خوراڪ جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، سنڌ فوڊ اٿارٽي عوامي صحت ۽ خوراڪ جي معيار ۾ ڪابه سوديبازي نه ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو