ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ اپر سنڌ ۾ جرڳن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جيڪب آباد ۾ ٿيل جرڳي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت آءِ جي سنڌ کان گذريل 5 سالن دوران ٿيل جرڳن جا تفصيل طلب ڪندي رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪنهن ضلعي ۾ جرڳو ٿيو ته ذميوار پوليس آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليس آفيسر جو نالو لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو. الزام مڙهيو ويو ۽ ڪيس هليو ويندو سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جرڳا منعقد ڪرڻ رياست اندر رياست آهي ۽ پوليس ان کي روڪي سگهي ٿي، جرڳا ۽ ان ۾ پاس ڪيل سزائون به غير قانوني آهن.عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن ڪنهن ضلعي ۾ جرگو ٿئي ٿو ته آءِ جي ان ضلعي جي ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪري، جي آءِ جي عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائي ته جرڳن تي پابندي لڳائي وڃي.سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي پوليس کي صوبي جي سمورن جاچ آفيسرن کان هڪ مهيني جو ڊجيٽل فرانزڪ ڪورس ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 17 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










