سنڌ دشمن طاقتون سنڌ جي ورهاست جا خواب ڏسڻ بند ڪن

سنڌ دشمن طاقتون سنڌ جي ورهاست جا خواب ڏسڻ بند ڪن

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ، سينيٽر سسئي پليجو ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي بيان تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ دشمن طاقتون سنڌ جي ورهاست جا خواب ڏسڻ بند ڪن، خالد مقبول، مصطفيٰ ڪمال ۽ فاروق ستار هڪ ٻئي جا دشمن آهن پر سنڌ دشمني ۾ اهي گڏ آهن، ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪنهن جي چوڻ تي سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. سسئي پليجو چيو ته سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون هاڻ برداشت کان ٻاهر ٿي چڪيون آهن. پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ جي ماڻهن اردو ڳالهائيندڙن کي پناهه ڏني ۽ انهن کي دل ۾ جڳهيون ڏنيون. اسان اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي پنهنجو سمجهون ٿا، سنڌ دشمني جي سياست ڪجهه ماڻهن جي آهي، ايم ڪيو ايم ۾ موجود ڪجهه شر پسند سنڌ کي ورهائڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن. سنڌ جي ورهاست جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو اسان پنهنجي سنڌ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا.سينيٽر سسئي پليجو چيو ته سنڌ دشمن طاقتون اسرائيل واري ٻولي ڳالهائي رهيا آهن، ايم ڪيو ايم اقتدار ۾ ڪيئن آئي، سنڌ جي عوام انهن جي تاريخ کان چڱي طرح واقف آهي. هن چيو ته فارم 47 جي ڪوڙ، مڪاري ۽ جبر تي قائم نظام ڪيستائين هلندو. سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون ڪندڙ تمام جلد خطرناڪ کڏي ۾ ڪرڻ وارا آهن. هن چيو ته سنڌ صرف پاڪستان جو هڪ صوبو نه آهي پر قديم سنڌو تهذيب جي زمين آهي. سنڌ جي سڃاڻپ ۽ عظمت جو احترام هر پاڪستاني جو فرض آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم هجي يا ڪوبه وفاقي وزير، سنڌ دشمني جون ڳالهيون برداشت نه ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو