ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران منشيات جي روڪٿام لاءِ الڳ “نارڪوٽڪس ڪنٽرول فورس” قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار داخلا بابت قائمہ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نارڪوٽڪس ڪنٽرول فورس ۽ پوليس گڏجي منشيات جي خاتمي لاءِ ڪم ڪنديون.هن چيو ته نارڪوٽڪس ڪنٽرول فورس جي حوالي سان پوليس کي به اختيار ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. پنڪي (منشيات) بابت 12 ڪيس سنڌ ۾، 1 اي اين ايف (اينٽي نارڪوٽڪس فورس) وٽ ۽ 5 ڪيس پنجاب ۾ داخل آهن؛ پنڪي ڪيس ۾ ملوث ڪنهن به ماڻهوءَ کي بخش نه ڪيو ويندو.










