سنڌ حڪومت درگاهن کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

سنڌ حڪومت درگاهن کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ ڪورونا وبا سبب بند ڪيل درگاهون ۽ مزار ٻيهر کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي اوقاف کاتي واري وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته زائرين ڪورونا وائرس  کان تحفظ جي لاءِ واضح ڪيل تدبيرن(ايس او پيز) تي مڪمل عمل کي يقيني بنائين.ماسڪ لازمي پائين پنهنجن ۽ پنهنجن پيارن جي حياتين جو تحفظ ڪن. سنڌ جي اوقاف کاتي صوبي ۾ سمورين مزارن کي ٻيهر کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ جي گهرو وزارت درگاهن ۽ مزارن تي ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي.واضح رهي ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ کان پوءِ  گذريل ڏينهن کان ڪيتريون ئي پابنديون ٻيهر لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن جي تحت مزارون بند ڪرڻ جا به حڪم جاري ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو